پنهيار علي بخش اصغر

پنهيار، علي بخش ’اصغر‘: سياسي، سماجي اڳواڻ ۽ صحافي، علي بخش ’اصغر‘ ولد ڪريم بخش پنهيار، 4 مارچ 1951تي ڳوٺ فيض آباد تعلقي جيڪب آباد ۾ ڄائو. جيڪب آباد مان 1968ع ۾ ميٽرڪ ڪيائين. 1969ع ۾ هفتيوار ”الصلاح“ لاهور جو نمائندو مقرر ٿيو، بعد ۾ هو 1989ع کان 1990ع تائين روزانه ”اتحادجيڪب آباد جو ايڊيٽر رهيو. 1992ع ۾ پنهنجي ذاتي اخبار ”خانڳڙهه“ جيڪب آباد جاري ڪيائين. جنهن جو خود ايڊيٽر رهيو. 1997ع ۾ پريس ڪلب جيڪب آباد جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو ۽ ان بعد نائب صدر مقرر ٿيو. هڪ سماجي ڪارڪن طور پاڪستان سوشل ايسوسيئيشن جيڪب آباد جو 1997ع کان صدر آهي. سندس سماجي خدمتن عيوض هن تنظيم پاران کيس گولڊ ميڊل به ڏنو ويو. علي بخش پنهيار اسڪائوٽس ۾ به رهيو ۽ ڪافي خدمتون سرانجام ڏنائين. هن مجاهد فورس ۾ صوبيدار جي حيثيت سان خدمتون به سرانجام ڏنيون، خاص ڪري 1971ع کان 1973ع تائين ايمرجنسيءَ دوران ڏينهن رات فوجي اڏي تي ڪم ڪندو رهيو. سندس خدمتن عيوض کيس ڪجهه اوارڊ به مليا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1951.03.04  عيسوي

علي بخش ’اصغر‘ ولد ڪريم بخش پنهيار، 4 مارچ 1951تي ڳوٺ فيض آباد تعلقي جيڪب آباد ۾ ڄائو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اشفاق آذر
ظهير احمد
احمد علي خان
قاضي اسد عابد
شاهنوار ٽالپر
ابوبڪر خان مگسي
امين ارباب
زيڊ اي شيخ
پنهيار علي بخش اصغر
شيخ عزيز
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون